سليم آباد

سليم آباد: اسلامي دور جو هي دڙو سليم آباد، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ آهي. ھي ماڳ ڪنڊياري جي اتر- اوڀر ۾ آھي. آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ، شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور هن ماڳ جي شروعاتي تحقيق ڪئي. ماڳ کوٽيل ڪو نه آھي. سليم آباد ساھتي پرڳڻي ۾ آھي، جيڪو اسلامي دور جو اھم پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. ھتي جي آبھوا گرمين ۾ سخت گرم ۽ سردين ۾ ڪافي سرد آھي. ھتي مينھن گھٽ پوي ٿو. ھن پرڳڻي ۾ ٻيا ڪيترائي ماڳ موجود آھن. جھڙوڪ: ڀريا لڳ دڙو ۽ ڪوٽ وغيره. ھتي بکر جي دور جي وستيءَ جا نشان مليا آھن. ھتان مليل وٿن ۾ ونڌيل، سادو، چٽيل، کرچيل ۽ ٺپيل ٺڪراٺو ملي ٿو، جيڪو اسلامي دور جو آھي. ٺڪر تي سنھا اڀ ماپ جا ليڪا ۽ لڪيرون نڪتل آھن، پر ڪو گل، ٻوٽو ۽ حيواني يا انساني چٽ چٽيل ڪو نه آھي، پر ٺپيل ٺڪر تي گل ٻوٽا ۽ حيوانن جون تصويرون ۽ چٽ به نڪتل آھن. چٽ، اروڙ ۽ بکر مان مليل ٺڪراٺي سان ڀيٽڻ جھڙا آھن. ھتي ڪن اڏاوتن جا آثار ملن ٿا، جو چوڌاري سِرن جا اڌڙ ٽڙيل پکڙيل آھن.
ممڪن آهي ته سليم آباد شايد ڪو وسندڙ ڳوٺ يا بندر رهيو ھجي، جتان ڪاٺ ۽ ڪپڙي جا جھاز ڀرجي ويندا ھئا، جو ھتي ساھتي پرڳڻي ۾ ٻئي شيون وافر ھيون، پر اهڙي تصديق نه ٿي سگهي آهي.


لفظ سليم آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو